اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي مريءَ ۾ سخت برفباري جي ڪري ٿيندڙ سانحي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري بي??ن ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي مرحومن جي ايصال ثواب ۽ پونيئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. صدر چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سندس همدرد??ون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صدر اميد جو اظهار ڪيو ته انتظاميا مريءَ ۾ ڦاٿل ٻين ماڻهن کي جلد حفاظت سان ڪڍي وٺندي.