اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ عمان جي وچ ۾ صديون پراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ثقافت، ڀائيچاري ۽ عوامي رابطن تي ٻڌل آهن، ??اڪ??تان عمان سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان گڏوگڏ پائيدار اقتصادي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن عماني واپارين جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.
وفد جي قيادت عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين رضا جمعه محمد علي الصالح ڪري رهيو هو جڏهن ته عمان کان ??اڪ??تاني واپاري به ملاقات ۾ ملاقات هئا. عمان جي 22 رڪني وفد وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو عماني وفد ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ ??اڪ??تان جي دوري تي آهي. موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسيون سياحت جي ترقي، فشريز سيڪٽر، بندرگاهي شهرن ۾ اسٽوريج ۽ ويئر هائوسنگ ۽ گوادر ۾ ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ موزون ماحول فراهم ڪري رهي آهي. وفد عمان ۽ ??اڪ??تان جي ساحلي شهرن جي وچ ۾ فيري سروس، سي پيڪ منصوبن، خاص طور تي گوادر جي صنعتڪاري، زرعي شعبي ۽ عمان ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ زميني ۽ ??ام??نڊي رستن تي مشتمل هڪ مجوزه ڪوريڊور ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي جيڪا وچ اوڀر، وچ ايشيا، آفريقا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا کي ملائيندو ۽ ??اڪ??تان کي ان ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هوندي.
اجلاس کي ڪووڊ وبا جي دوران سمنڊ پار ??اڪ??تانين جي تعاون ۽ عمان ۾ ??اڪ??تاني قيدين جي آز??دي ۾ سلطنت عمان پاران مدد جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل واپار وڌائڻ جي قدمن تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان نه رڳو ڪووڊ – 19 جي دوران عماني حڪومت ۽ واپاري برادري جو ??اڪ??تانين جي مدد جي آجيان ڪئي پر لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي هدايت ڪئي ته هو عمان ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر احسن، لاڳاپيل عملدار، عماني واپارين جو وفد، عمان ??اڪ??تاني ڄاون واپاري ۽ عمان ۾ ڪم ڪندڙ ??اڪ??تاني واپارين شرڪت ڪئي.