اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته مالياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ آندو ويو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جنهن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ به فنانس بل ايندا رهيا، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري گم رهيا، اهي دعويٰ ڪ??ي رهيا هئا ته ??سان بل منظور ئي نه ٿيڻ ڏينداسين، مخالف ڌر ڪا دليل جي ڳالهه نه ڪئي پر ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ??وام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 9 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي ۽ مسلم ليگ (ن) به آءِ ايم ايف جي چئن پروگرامن لاءِ وئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ته 9 ارب ڊالر جو سڀ کان وڏو پروگرام آءِ ايم ايف کان ورتو، هن چيو ته مخالف ڌر بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي ته هو معيشت جو ڪهڙو حال ڪري وئي هئي، اسحاق ڊار ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، اهي پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ 15 ڏينهن جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڇڏي ويا جنهن مان قرض جي قسط ادا نه پئي ٿي سگهي. هن چيو ته ??ها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته مخالف ڌر اسان کي مشورا ڏيندي هئي ته ??ڪومت ايتري دير سان آءِ ايم ايف وٽ ڇو وئي، کين تمام گهڻو پهرين آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهربو هو، فر?? حبيب چيو ته مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هو پنهنجي دورن ۾ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ويا هئا ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ويا هجن ها ته ??ڄ اها صورتحال نه هجي ها. مملڪتي وزير چيو ته ??سحاق ڊار معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ۽ قرض جي ادائيگي لاءِ حڪومت وٽ پئسا نه هئا. هن چيو ته ??ڄ مخالف ڌر کي گهربو هو ته ??ليل سان ڳالهه ڪري ها پر هنن ايوان ۾ بدتميزي جو طوفان آندو ۽ دليل سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي، بلاول زرداري ۽ شهباز شريف ايوان مان گم رهيا، انهن جي ڪوشش هئي ته ??سان قانونسازي کي روڪينداسين ۽ بل جو حصو نه بڻجڻ ڏينداسين، هن چيو ته معاشي حالتن جي باوجود وزيراعظم عمران خان ۽ ناڻي واري وزارت ڪوشش ڪئي ته ??وام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ حقيقتون به توهان جي سامهون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته مخالف ڌر بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪندي آهي ۽ جڏهن ڳالهين جو وقت ايندو ??هي ته ??هي سڀ غائب ٿي ويندا آهن، مخالف ڌر ايوان کي اڄ مڇي مارڪيٽ بڻائي رکيو، اسان سمجهون ٿا ته ??يوان ۾ اڄ قيادت کانسواءِ مخالف ڌر هئي.