اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جاري ر??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيرن ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين کانسواءِ سينيئر آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم جي گذريل ??فتي ذخيره اندوزي جي خلاف قدمن جي هدايتن کانپوءِ ڀاڻ جي في ٻوري جي وڪري جي قيمت ۾ سراسري 400 رپين جي گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته ڀاڻ جي سپ??ائ?? کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ آن ??ائ??ن پورٽل ٺاهيو ويو آهي جنهن سان صوبا ۽ سموري ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي چرپر ۽ اسٽاڪ کي مانيٽر ڪري سگهن ٿا. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته 13 نومبر کان هيستائين ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. ان ۾ 347 ايف آءِ آر، 244 گ??فتاريون، 21111 انسپيڪشنز، 480 گودام سيل ۽ 2.79 ڪروڙ جا ڏنڊ هنيا ويا آهن. ان کانسواءِ هر ضلعي ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا ويا آهن جتي ڀاڻ جي گهٽتائي، ذخيره اندوزي ۽ منافعي بابت شڪايتون داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. صوبن جي وچ ۾ سرحدن تي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن. ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري جي خلاف لاڳاپيل ??انونن ۾ ترميمون ڪيو?? پيون وڃن جنهن ۾ اطلاع فراهم ڪندڙن کي ضبط ٿيل ??ال جي حساب سان انعام ڏنو ويندو. وزيراعظم ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف قانوني ڪارروائي جاري ر??ڻ جي هدايت ڪئي آهي.