ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پ??ڪس??ان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ جديد سرڪلر ريلوي جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو وزير مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي به موجود هئا. وزيراعظم چي?? ته ڪراچي پ??ڪس??ان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي، سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو آهي، ڪراچي جي اهميت به اهڙي طرح آهي پر بدقسمتي سان ماضي ۾ جڏهن ڪراچي ترقي طرف گامزن ٿي?? ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چي?? ته اسان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ٺاهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ڪراچي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪراچي جي ترقي صرف ڪراچي جي لاءِ نه پر پوري پ??ڪس??ان جي لاءِ فائديمند آهي، هي اهڙو شهر آهي جتي سڄي دنيا مان سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. وزيراعظم چي?? ته ڪي سي آر جو منصوبو سڄي ڪراچي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چي?? ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو آهي، ڪراچي جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جي فراهمي جو آهي. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌاي?? ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جو منصو??و وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چي?? ته سياسي اختلافن جي باوجود سنڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چي?? ته بنڊل آءِ لينڊ جي منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چي?? ته شهرن جي پکيڙ سان مختلف قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا ??هن ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، لاهور کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڪراچي ۾ به منصوبن جي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي کان مستقبل جي گهرجن ??ي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ ڪا به حڪومت مستقبل ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چي?? ته بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پ??ڪس??اني سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پ??ڪس??ان کي ان سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي، وزيراعظم چي?? ته مون کي خوشي آهي ته ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. وزيراعظم چي?? ته وڏا منصوبا ان لاءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇ?? ته انهن ۾ مشڪلاتون هونديون آهن ۽ سياسي حڪومتون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان لاءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا ??هن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم آهي، اميد آهي ته سنڌ حڪومت به ڀرپور تعاون ڪندي. .