اسلام ??باد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اف??ان????ان ۾ امن ۽ استحڪام ??لائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، اف??ان????ان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي اف??ان????ان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اف??ان????ان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته اف??ان????ان ۾ امن ۽ استحڪام ??لائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اف??ان????ان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اف??ان????ان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته افغان عوام کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن اف??ان????ان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جي اهميت جي ڏس ۾ پاڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وزيراعظم مختلف شعبن ۾ وڌن??ڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪس??ان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪس??ان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. وزيراعظم روسي صدر پيوٽن کي پاڪس??ان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر وزيراعظم عمران خان کي روس جي دوري جي دعوت جي تجديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪس??ان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذير آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.