اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ اوورسيز پاڪستانين کي گهر، زمين جي خريداري ۾ تمام گهڻيون م??ڪلاتون درپيش هيون، روشن پنهنجو گهر اسڪيم تحت اه?? مشڪلاتون آساني ۾ بدلجي وينديون، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ روشن پنهنجو گهر اسڪيم شروع ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڊيجيٽل پراسيس ذريعي پاڪستان ۾ هائوسنگ ۾ سيڙپڪاري ۽ آسان فنانسنگ حاصل ڪري ??گهندا، اسٽيٽ بئنڪ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي سميت سمورين ڌرين سان م??اورت کانپوءِ اها اسڪيم تيار ڪئي آهي. هن چيو ته روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ رکندڙ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري ??گهن ٿا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم ۾ گهر خريد ڪندڙ ڪنهن به وقت پنهنجو گهر وڪرو به ڪري ??گهندا، روشن پنهنجو گهر اسڪيم جي لاءِ اڳ کان منظور ٿيل منصوبن جي فهرست جوڙي وئي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ منصوبن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.