اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، عمران خان جي شفاف اليڪشن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پئسي ج?? سياست جا باني آهن، عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪندو آهي، سمور??ون اتحادي پارٽ??ون اسان سان گڏ آهن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحريڪ انصاف سدائين هر سطح تي صاف شفاف اليڪشن چاهي ٿي. هو پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي ج?? اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن تفصيلي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي ج?? موقف آهي ته اليڪشن شفاف طريقي سا?? ٿين ڇو ته پئسي ج?? سياست سان اخلاقي قدر پائمال ٿ?? وڃن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ سينيٽ جا ميمبر پئسي ج?? زور تي ايندا آهن، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر منافقت نه ڏيکاري ها ته اڄ سينيٽ جي اليڪشن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پئسي ج?? چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻ??ون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سوال نه ??ٿن.