اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ريلويز سياحت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ٽوئرسٽ سفاري ٽرين ان ڏس ۾ اهم قدم آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي سان گڏ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي سفاري ٽرين جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. ٽوئرسٽ سفاري ٽرين هر جمعي، ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن سياحن کي گولڙه اسٽين کان حسن ابدال، اٽڪ خورد ۽ اٽڪ سٽي ۽ ڀرپاسي جي جاين جي سير ڪرائين??ي. ??ينيٽ چيئرمين چيو ته ٽوئرسٽ سفاري ٽرين حڪومت پاران مقامي سياحت جي فروغ ل??ءِ اهم قدم آهي، سفاري ٽرين جو تصور سٺو آهي. تفريح ۽ سياحت جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ريلوي واري وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته تاريخي گولڙه ريلوي اسٽيشن تان ٽرين قديم روٽ تي هلندي جنهن سان پ??ڪس??ان جو ثقافتي ۽ تاريخي ورثو ڏسڻ ل??ءِ ملندو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ريلوي هڪ قيمتي اثاثو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ به ان ٽرين کي آندو ويندو. هن چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. سفاري ٽرين جي ڪري تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، سياحت جي فروغ ۾ پ??ڪس??ان ريلوي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهڙا قدم کنيا ويندا جنهن سان نه رڳو اداري کي منافعو ڏيندڙ بڻايو ويندو پر پ??ڪس??ان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملن??ي. ??ينيٽر تاج محمد آفريدي، سينيٽر سجاد حسين طوري، مرزا محمد آفريدي، اورنگزيب اورڪزئي، نصيب الله بازئي، دلاور خان ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ماڻهن کانسو??ءِ عوام جو وڏو انگ گولڙه ريلوي اسٽيشن تي موجود هو. سينيٽ چيئرمين، وفد جي ميمبرن ۽ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم خان سواتي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.