اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وف??قي ڪابينا آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي ادا??ي کي وڌيڪ بااختيار، خودمختيار ۽ شفاف بڻائڻ ??اء?? قانوني ترميمون ڪرڻ ۽ سنڌ صوبي ۾ ضمني چونڊن جي تڪن ۾ امن امان قائم رکڻ ??اء?? پاڪستان رينجرز مقرر ڪرڻ سميت 15 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا اسلام آباد ۾ مارجي ويل نوجوان اسام?? ستي جي والدين کي قانوني ڪارروائي ۽ انصاف جي فراهمي جي خاطري ڪرائي، ڪابينا گم ٿيل ما??هن جي حوالي سان گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن گمشدگين جي خاتمي ??اء?? قانون بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل ٻن سالن کان هر اڱاري تي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو پيو اچي، اڄ 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي فنڪشنز بابت بل آڻي رهيا آهيون جنهن جو مقصد ان جي اختيارن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ، شفافيت آڻڻ ۽ دائ??ي کي وڌائڻ آهي.