تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاق جي مضبوطي جي لاءِ سمورن صوبن ۾ هڪجهڙي ترقي ضروري آهي، بل??چستان ترقي ڪندو ته پا??ست??ن ترقي ڪندو، پوئتي پيل علائقن ۾ هڪجهڙي ترقي چاهيون ٿا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقي تي خوصي ??يا?? ڏئي رهيا آهيون، نوجوان پا??ست??ن جو مستقبل آهن، جن قومن انساني وسيلن تي خرچ ڪيو انهن ئي ترقي ڪئي، تعليم جي ڪري ئي انسان عظمت حاصل ڪئي، ڪاميابي جي لاءِ محنت ڪرڻي پوندي آهي، زندگي ۾ ڪو به شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، پنجاب حڪومت پاران بل??چستان جي شاگردن جي لاءِ وظيفن ۾ اضافو خوش آئنده آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار هن دارلاحساس، وسيله تعليم پروگرام ۽ مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.