بيروت – 20 آڪ??وب?? (اي پ?? پي) لبنان ۾ آمريڪي سفارتخاني پ??هنجي شهرين تي زور ڏنو آهي ته اهي جلد کان جلد اتان نڪرڻ جو منصوبو بڻائين ڇو ته ڪمرشل فلائيٽس جو آپشن اڃان ميسر آهي. لبنان ۾ موجود آمريڪي شهرين کي اي ميل ذريعي ملندڙ هدايتن ۾ سفارتخاني چيو ته هو لبنان ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي گهري نظر رکي ويٺا آهن. سفارتخاني چيو ته اسان جي ت??ويز آهي ته اهي آمريڪي جيڪي وڃڻ نه ٿا چاهين، اهي هنگامي حالتن لاءِ متبادل منصوبابندي ڪن. 17 آڪ??وب?? تي آمريڪي پرڏيهي کاتي هڪ ٽريول ايڊوائيزري جاري ڪندي پ??هنجي شهرين تي زور ڏنو هو ته اهي غير متوقع سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري لبنان جي سف?? کان پاسو ڪن.